اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ٿيندو. ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق جي ڏ??اڙ?? جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته 19 جولاءِ 1947ع تي پاڪستان سان ڪشمير جي الحاق جي قر??رداد منظور ڪئي وئي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي ۽ پاڪستان سان الحاق جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان الحاق ٿيندو، ڀارت ڪشمير تي غاصباڻو قبضو ڪ??ي رکيو آهي ۽ ڪشميرين تي ظلم ڪ??ي رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف هر عالمي فورم تي آواز اٿا??ي رهيو آهي.