اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”ڪوويڊ 19 جي خلاف ??وا?? جي ويڪسين“ جي لاءِ اپيل تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن ۽ چيو آهي ته ڪو به ليڊر ان وقت تائين آرام سان نه ٿو ويهي سگهي جيستائين هر ملڪ جي هر شهري کي مفت ويڪسين تائين پهچ نه ٿي ملي. وزيراعظم آفيس جي ٽوئيٽ موجب وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي خلاف ??وا?? جي ويڪسين جي لاءِ اپيل ۾ عالمي اڳواڻن سان گڏ شامل ٿي ويو آه??، ان اپيل ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جڏهن ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ويڪسين تيار ٿي و??ي ته اها سمورن ملڪن ۾ سڀني ماڻهن کي مفت ملڻ گهرجي.