اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اهم ت??جي?? آهي، آءِ پي پيز بابت رپورٽ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ٿي، ڪابينا اها رپورٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قانون موجب ڪميشن آف ان??وائري جوڙي پئي وڃي، ڪميشن آف ان??وائري فارنزڪ يا وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي مجاز هوندي، عوا?? جي ٽيڪس جو پئسو عوا?? جي امانت آهي ۽ اسان عوام آڏو جوابده آهيون. صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته آءِ پي پيز بابت رپورٽ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ٿي، ڪابينا اها رپورٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قانون موجب ڪميشن آف ان??وائري جوڙي پئي وڃي، ڪميشن آف ان??وائري فارنزڪ يا وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي مجاز هوندي، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن کي ڪا معافي نه هجڻ گه??جي?? ڪميشن جي جاچ جي روشني ۾ ذميوارن جو تعين ٿيندو، اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا ٽرائل بدران قانون موجب فيصلا ٿين.