اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي ڏهاڙي تي باني اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي والاريل ڪ??مير جي عوام سان اڻٿڪ حمايت جو اعلان ڪيو آهي جيڪي گذريل 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان غيرانساني لاڪ ڊائ??ن ۽ مواصلاتي بندش جو شڪار آهن. صدر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته آئون ڄم??ن ۽ ڪشمير جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان انهن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ انهن جي جائز خودمختياري جي حق لاءِ اخلاقي، سياسي ۽ سفارت?? حمايت جاري رکندو.