اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته باباءِ قوم محمد علي جناح اهو عظيم اڳواڻ هو جنه?? پنهنجي ??صيرت ۽ دورانديشي سان ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي اسان کي هڪ آزاد ملڪ ڏنو، اڄ اسان کي مستقبل جي ??رقي ۽ خوشحالي لاءِ ان جي فرمانن ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ کي بنيادي اصول طور اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائ??اع??م جي ??نم ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، صدر چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان جي ملڪ جي ??اريخ ۾ خصوصي اهميت رکندڙ آهي اهو ڏينهن ان عظيم قائد جو جنم ڏينهن آهي، جنهن ننڍي کنڊ جو نقشو بدلائي ڇڏيو ۽ اسان کي پاڪستان جي نالي سان هڪ آزاد ملڪ عطا ڪيو.