اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جيڪي نادان دوست پرويز مشرف خلاف خاص عدالت جي فيصلي تي جهمريون هڻي رهيا آهن انهن ئي کائنس حلف ورتو هو، پاڪ فوج ملڪي دفاع ۽ ??وم?? سلامتي جي پليٽ فارم تي لازوال قربانيون ڏنيون آهن، پنهنجي رت سان ملڪ ۾ امن جا ڏيئا روشن ڪيا آهن. پي آءِ ڊي ۾ اٽارني جنرل انور منص??ر خان سان پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عسڪري قيادت ۽ حڪومت ??وم?? مفاد جي لاءِ هر محاذ تي اڳيان وڌندي داخلي ۽ خارجي محاذ تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي آهي، معيشت جا مثبت اشارا پاڪستان کي عالمي سطح تي پذيرائي سڀني عالمي ادارن طرفان مثبت اشارن جي وا??اڻ ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته عمران خان ۽ عسڪري قيادت گڏجي ملڪ جي معيشت جي استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪيو