اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير عطاءُ ال??ه تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تص??يق جي عمل کي اختيار ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪميشن جي پوليٽيڪل قونصلر مس زوئي ويئر سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. مس زوئي ويئر مسلم ليگ (ن) کي حڪومت ٺاهڻ ۽ عطاءُ ال??ه تارڙ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن، ميديا جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري و??اق?? وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مس انفارميشن، ڊس انفارميشن ۽ فيڪ ??يوز پوري دنيا جو مسئلو آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن، صحافين کي سوشل ميڊيا تي تص??يق جي عمل کي اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سوشل ميڊيا بابت پوري دنيا کي گڏجي ضابطه اخلاق تيار ڪرڻو پوندو. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊراما جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مس زوئي ويئر پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ??نهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.