ڪان مهترزئي-20 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي اباڻي علائقي ڪان مهترزئي قل??ه سيف الله ۾ عوامي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته هو جلد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪان مهترزئي جو دورو ڪري شهرين کي درپيش مسئلن جو ذاتي طور جائزو وٺندو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙو اظهار هن ڪان مهترزئي واسين کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هو علائقي جي سڀني سياسي قيادت، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، سول سوسائيٽي ۽ وڪيلن طرفان نگران وزيرا??ظم جي نامزدگي تي مبارڪون ڏيڻ تي شڪر گذار آهي، وزيرا??ظم پروگرام جو انتظام سنڀاليندڙن جو خاص طور تي ٿورو مڃيندي چيو ته ڪان مهترزئي، قل??ه سيف الله کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ ۽ پٺتي پي?? حالتن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، قل??ه سيف الله ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري روزگار جي فراهمي ۽ امن امان لاءِ قدم کنيا ويندا. تقريب ۾ مختلف سياسي اڳواڻن، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، صحافين، زميندارن ۽ وڪيلن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.