اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي( پاڪستان ۽ سعود?? عرب سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سومر جي ڏينهن و??ير??عظم شهباز شريف سعود?? عرب جي نائب و??ير??عظم ۽ دفاع واري وزير ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان آل سعود سان ٽيلي فون تي ڳالهه ڪئي. و??ير??عظم خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدلالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سعود?? عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان و??ير??عظم ۽ پاڪستاني قوم 75 آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪ ڏني. ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي ۽ پاڪستان سعود?? عرب جي وچ ۾ سالن تي ٻڌل مضبوط ڀائرن لاڱاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. و??ير??عظم شهباز شريف ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان وزير اعظم کي اپريل 2022 جي دوري جي دوران ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعود?? عرب جي وچ سيڙپڪاڙي، توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزير اعظم ڀائر ملڪ سعود?? عرب جي پاڪستان جي مشڪل وق?? مدد جو ذڪر ڪندي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جو پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ تازي تعاون تي ٿورو ادا ڪيو. و??ير??عظم سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان کي پاڪستان جي جلد دوري جي دعوت ڏني جيڪا ان قبول ڪري ورتي.