اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف چيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تمغا حاصل ڪندڙ رانديگرن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو سربلند ڪري ڇڏ??و، وطن واپسي تي انهن سان ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته نوح بٽ ۽ ارشد نديم سوني، شر??ف ط??هر، زمان انور ۽ انعام بٽ چاندي، شاهه حسين، علي اسد ۽ عنايت الله ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تانبي جا تمغنا کٽي مون سميت سمورن پاڪستانين جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي. توهان پوري قوم جو فخر آهيو. وزيراعظم چيو ته هو انهن سمورن ايٿليٽس سان وطن واپسي تي ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪندو. ان کانسواءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شر??ڪ ٻيا پاڪستاني ايٿيليٽس پڻ فخر جوڳا آهن جيڪي محنت ۽ لڳاءُ سان پاڪستان ج?عامات_کے_ساتھ_کھیلیں/135907.html">? نمائندگي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فتح ۽ هار راند جو حصو آهي، حوصلو نه هار??و، محنت جاري رکو.