اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ توانائي کان ??ٺي بنيادي ڍانچي جي هر منصوبي ۾ دير جو وڏو نقصان ??يو، ان ??جرماڻي غفلت تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، بلوچستان جي پسماندگي کي ??وشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ اجلاس دوران ??ون گوا??ر بريڪ واٽر پراجيڪٽ ۾ مجرماڻي غفلت تي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته ان تي سخت پريشاني ٿيندي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 445 ملين ڊالر گرانٽ، 484 ملين ڊالر جي سهولتي قرضن ۽ فزيبلٽي جي موجودگي جي باوجود ان ??نصوبي کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت توانائي کان ??ٺي بنيادي ڍانچي تائين هر منصوبي ۾ دير ڪئي، جنهن سان ??وم کي وڏو نقصان برداشت ??رڻو پيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هاڻي پريزنٽيشنز جو وقت ختم ٿي چڪو آهي ۽ ايڪشن جو وقت شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته گوادر سي پيڪ جو حصو هجڻ سبب نه رڳو بنيادي ڍانچي جي ترقي جي حوالي سان اهم آهي پر ان جي سياسي، اقتصادي اهميت به وڌيڪ آهي. هن چيو ته بلوچستان جي پسماندگي کي ??وشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي.