انقره – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??رڪ?? جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وفد سميت وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. ايسن بوعا ايئرپورٽ تي ??رڪ?? جي واپار واري وزير ڊاڪٽر مهمت موش وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ??رڪ?? جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪيو، وزارت عظميٰ جو عهدو سن??ال?? کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ??رڪ?? جو اهو پهر??ون دورو هو، وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳاله??ون به ٿيون، صدر اردوان وزيراعظم شهباز شريف جي مان ۾ آجياڻو به ڏن??، ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل لوگو جاري ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن اها سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف سندس ۽ سندس وفد جو والهاڻو استقبال ۽ شاندار ميزباني تي ترڪ صدر جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم صدر طيب اردوان کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏن??، دوري دوران وزيراعظم ??رڪ?? جي مشهور ڪاروباري ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم پاڪستان ??رڪ?? بزنس ڪائونسل فورم کي به خطاب ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم جديد ??رڪ?? جي باني مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي به حاضري ۽ گلن جي چادر چاڙهي، وزيراعظم سان ترڪ پرڏيهي وزير، صحت واري وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاقاتون به ڪيون.