اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب يوم تڪبير ” نه جهڪيا هئاسين، نه جهڪنداسين“ جو عنوا?? جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جوهري ڌماڪ?? جا 24 سال مڪمل ٿيڻ تي 10 ڏينهن جون تقريبون ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته قيام پاڪستا?? جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ يوم تڪبير قومي جذبي سان ملهايو وڃي. وزيراعظم وفاق، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سان گڏجي تقريبن جي انعقاد جي هدايت ڪئي آهي، يوم تڪبير تي قومي تقريبون ملهائڻ جو آغاز 19 مئي کان ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته 28 مئي 1998ع قومي افتخار ۽ پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن جي خاطر ڪڏهن نه جهڪڻ جي عظيم تاريخ جو ڏينهن آهي، هن چيو ته محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي ايٽمي قو?? بڻايو هو، هاڻي معاشي قو?? بڻائينداسين، هي اهو تاريخي ڏينهن آهي جڏهن قومي قيادت ٻاهرين طاقتن جي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي باوجود دفاع وطن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قوم جو سر فخر مان بلند ڪيو. هن چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي يوم تڪبير جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون، تعليمي ادارن، شاگردن ۽ نوجوانن کي خاص طور تي انهن تقريبن جو حصو بڻايو ويندو، و??اقي وزير چيو ته وزيراعظم سمورين سياسي پارٽين، وڪيلن، ڊاڪٽر ميڊيا، پورهيتن، سول سوسائيٽي تنظيمن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان قومي ڏينهن کي قومي جذبي سان ملهائي، اهو ڏينهن قوم جي بي مثال اتحاد، يڪجهتي ۽ پاڪستان ل??ءِ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن کي انهي انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت آهي، هن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته يوم تڪبير ل??ءِ خصوصي نشريات، پروگرامز ۽ تحريرن جي اهتمام سان ان قومي ڏينهن جي تقريبن ۾ پنهنجو حصو ??جه??.