اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) مسلم لي?? (ن) جو صدر ۽ متحده مخالف ڌر جو متفقه اميدوار محمد شهباز شريف نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي، هُو 174 ووٽ کڻي ملڪ جو 23هون وزيراعظم چونڊجي ??يو?? پينل آف چيئرمين اياز صادق قومي اسي??بل?? جي اجلاس جي صدارت ڪئي، قائدايوان جي چونڊن جي لاءِ مقرر طريقيڪار ۽ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اياز صادق اعلان ڪيو ته محمد شهباز شريف قائد ايوان لاءِ 174 ووٽ حاصل ڪيا، ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شاهه محمود قريشي قائدايوان جي چونڊن جي بائيڪاٽ ۽ تحريڪ انصاف پاران قومي اسي??بل?? جي سيٽن تان استعيفائن جو اعلان ڪيو، جن??ن کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جا ميمبر ايوان مان ٻاهر هليا ويا، اهڙي طرح شهباز شريف قائد ايوان جي عهدي لاءِ واحد اميدوار هو، نئون چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم لي?? (ن) جو صدر آهي ۽ ٽي ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف جو ننڍو ڀاءُ آهي، محمد شهباز شريف پهريون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسي??بل?? جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ قومي اسي??بل?? جو ميمبر چونڊيو ??يو?? 1993ع ۾ پنجاب اسي??بل?? جو ميمبر بڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب اسي??بل?? جو ميمبر بڻيو ۽ وڏو وزير ٿيو. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب اسي??بل?? جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيو ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير رهيو، مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسي??بل?? جي ٽنهي سيٽن (پي پي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، تنهن هوندي به هن پي پي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي ۾ هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو. شهباز شريف 2018ع ۾ به قومي اسي??بل?? ميمبر چونڊجي ويو ۽ قومي اسي??بل?? ۾ 10 اپريل 2022ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، کيس متحده مخالف ڌر، عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو.