اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ۽ سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پاڪستان تاريخي لمحن مان گذري رهيو آهي، حق ۽ باطل وچ ۾ فيصلائتي گهڙي اچي چڪ?? آهي. سڄي قوم جون نگاهون سپريم ڪورٽ ت?? آهن، اميد آهي ته عدالت سڳوري سمورين شاهدين کي ڏسي ڪري هميشه جيئان عوام سان انصاف ڪندي. عدالت سڳوري جيڪو به فيصلو ڪندي ان جو احترام ڪنداسين، اسان هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي ۽ ڪندا ??هنداسين. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته 27 مارچ تي عمران خا?? جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪيو، عوام حق جو ساٿ ڏنو ۽ باطل کي رد ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن وارن پاڪستان ۽ عمران خان خلاف سازش ڪرڻ جي ڪوش?? ڪئي، سندن غداري نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ثابت آهي، اسان جا ڦري ويل ميمبر به ان سازش ۾ شامل آهن. جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اپوزيشن بار بار چئي رهي هئي ته اليڪشن ڪرايو ۽ هاڻي هي ماڻهو اليڪشن کان فرار ڇو ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پارلياماني بورڊ جي گڏجاڻي سڏائي وئ?? آهي، ٽڪيٽن لاءِ درخواستون به طلب ڪري رهيا آهيون، اسان نئين اليڪش?? جي تياري طرف وڃي رهيا آهن. پيپلز پارٽي، (ن) ليگ، جي يو آءِ (ف) ۽ ٻين سياسي پارٽين مان ڪيترائي ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪندا. عليم خا?? جي الزامن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عليم خان بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳايا. تحريڪ انصاف ۾ هوندي کيس اهي ڳالهيون ڇو نه ياد آيون پارٽي ڇڏڻ بعد عليم خان کي اهي ڳالهيون ياد آيون آهن. الزام اشوز تي هوندا ??هن ذاتيات تي ل??ڻ ٺيڪ ناهي، عمران خا?? جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ناهي. ڪم ظرف ماڻهو ذاتيات تي ڳالهائيندا ??هن. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته روزاني جي بنياد تي احتجاج ٿي رهيا آهن، عمران خا?? جي حياتي کي خطرو آهي.