اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت ساڍا ٽن سالن ۾ جيترا ڪم ڪيا ٻين پارٽين 35 سالن ۾ نه ڪيا، آئون ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهيان پر ان جي پاليسين جي خلاف آهيان، هر عالمي فورم تي اسلامو فوبيا جي مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي، اسان جي ڪوششن سان گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد منظور ٿيڻ وڃي رهي آهي، ڀارت ۾ سٺي قيادت جي لاءِ دعاڳو آهيون ته جيئن اها ڪشميرين کي بنيادي حق ڏي، ڀارت 5 آگست جو قدم واپس وٺي ته ان سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي ۽ حالتون معمول تي اچي سگهن ٿيون، بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ 2023ع جي اليڪشن به مخالف ڌر جي هٿ مان نڪري وئي، هڪ ٻئي کي ڪرپٽ چوندڙ گڏ ٿي ويا آهن، اساب جي بهادر هٿياربند فوج دنيا جي بهترين فوجن مان هڪ آهي، پاڪ فوج ملڪي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، لک اختلافن جي باوجود ذوالفقار علي ڀٽو کي خوددار ليڊر سمجهان ٿو، ڀٽو مسلمان امت کي متحد ڪيو، اسلامي سربراهي ڪانفرنس گهرائي، 27 مارچ تي پورو پاڪستان اسلام آباد ۾ ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهتمام هيٺ اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظ?? چيو ته سمورن تڪن مان اهي آواز اچي رهيا آهن ته 27 مارچ تي اسان اسلام آباد جو رخ ڪري رهيا آهيون. وزيراعظ?? چيو ته نواز شريف 20 سال قوم کي ٻڌايو ته زرداري کان وڏو ڪرپٽ ڪير نه آهي، ان کي ٻه ڀيرا جيل ۾ وڌو، نواز شريف جي خلاف پئسا چوري ڪري ٻاهر موڪلڻ ۽ اتان واپس آڻڻ تي حديبيه پيپر ملز جو ڪيس زرداري ٺاهيو، مولانا فضل الرحمان 30 سالن کان مذهب تي سياست ڪري رهيو آهي، ان جي پارٽي مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي کي چور سمجهي ٿي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي هڪ ٻئي کي چور سمجهن ٿيون. هن چيو ته عوام جي سوچ اها آهي ته جيڪڏهن انهن کي ملڪ کي بچائڻو آهي ته عمران خان جو ساٿ ڏيڻو آهي، اهو الله جو خاص ڪرم آهي جو اهي ٽئي چور گڏ ٿيا ۽ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ڏينهن انهن بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي مون ٻه رڪعت شڪراني جا نفل ادا ڪيا، ساڍا ٽن سالن کان آئون حڪومت جي وڃڻ، نااهلي ۽ سليڪيٽيد جا لفظ ٻڌي ٻڌي تنگ اچي ويو هئس، هاڻي اهي ٽئي ڪپتان جي نشاني تي آهن. هن چيو ته اهي ماڻهو سمجهندا هئا ته اهڙي طرح عوام انهن جي چوري وساري ڇڏيندي پر اهي پاڪستاني قوم کي سڃاڻين نه ٿا، نواز شريف جنرل جيلاني جي ڪلهن تي سوار ٿي اقتدار ۾ آيو، هن ڪڏهن محنت ناهي ڪئي، فضل الرحمان 30 سالن کان مذهب تي سياست ڪري رهيو آهي، اسان هيٺئين سطح کان محنت ڪري مشڪلون ڏسي هتي پهتاسين، تحريڪ انصاف محنت ڪري هتي پهتي، اهي اسان جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن، اهي غلط فهمي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي کانپوءِ اهي 2023ع جي اليڪشن مان به ويا. وزيراعظم اوورسيز پاڪستانين کي اثاثو قرار ڏيندي چيو ته اهي جڏهن محنت ڪري پئسو ملڪ موڪلين ٿا ۽ هتان جا حڪمران پئسو چوري ڪري لنڊن ۾ مهانگي ترين علائقن ۾ محل ٺاهي انهن ۾ رهن ٿا ته انهن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي، انهن کي پاڪستان جي حوالي سان ڪا سٺي خبر ٻڌڻ لاءِ نه ملندي هئي، اسان کي انهن جي اهميت جو مڪمل احساس آهي، اسان انهن جي لاءِ آسانيون پ??دا ڪري رهيا آهيون، انهن جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ڪري ملڪ هلي رهيو آهي. وزيراعظ?? چيو ته بدعنوان سياستدان ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا، هر ملڪ ۽ هر حڪمران کي خبر هوندي آهي ته ڪيترو چوري جو پئسو انهن وٽ آهي، روس – يوڪرين جنگ جي ڪري روسين جا سڄي دنيا ۾ آف شور اڪائونٽس، انهن جا اثاثا ۽ ملڪيتون ضبط ٿي رهيون آهن، اسان جي ٻن خاندانن جا چوري جا اربين ڊالر ٻاهر پيا آهن، اهي ڪڏهن ڪنڌ کڻي ٻاهر جي حڪمرانن سان ڳالهه نه ٿا ڪري سگهن ڇو ته چوري جو پئسو انهن کي غلام بڻائي ڇڏي ٿو، اوباما جي آڏو ويهي گهٻراهٽ سان ان کي مسز اوباما چئي ڇڏي ٿو، انهن کي خبر آهي ته ڪنهن وقت به انهن کي مني لانڊرنگ ۾ پڪڙي سگهجي ٿو، اهي 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائي ڇڏين ٿا. وزيراعظ?? چيو ته انهن ٻنهي جي دورن ۾ پاڪستان تي 400 ڊرون حملا ٿيا جنهن ۾ سوين بيگناهه ماريا ويا، ڊرون حملا ڪندڙ ملڪ پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن کي قانون ٽوڙڻ نه ٿا ڏين. وزيراعظ?? چيو ته آئون آمريڪا، برطانيا، ڀارت سميت ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهيان پر ڪنهن ملڪ جي پاليسي جي خلاف ٿي سگهان ٿو، مون سدائين دهشتگردي جي خلاف جنگ جي مخالفت ڪئي ڇو ته ان جنگ ۾ بيگناهه ماريا پئي ويا، مون عراق جنگ جي خلاف برطانيا ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي، برطانيا جو هڪ تمام وڏو طبقو ان جي خلاف هو، ڀارت ۾ هندوتوا نظريي جي پڙهيل لکيل ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو مخالفت ڪري رهيا آهن، اهي سمجهن ٿا ته اهو تباهي جو رستو آهي، اتي ميڊيا ۽ ججز تي خوف طاري آهي، اسان دعا ڪريون ٿا ته ڀارت ۾ سٺي قيادت اچي، اها ڪشميرين کي حق ڏي، ڀارت جيڪڏهن 5 آگسٽ جو قدم واپس وٺي ته ان سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، حالتون معمول تي اچي سگهن ٿيون. وزيراعظ?? چيو ته بدعنوان ليڊر پئسي سان پيار ڪندڙ ماڻهو آهن، اهي پئسي جي لالچ ۾ ملڪ وڪرو ڪري سگهن ٿا، نواز شريف جو ڊان ليڪس ۽ زرداري جو ميمو گيٽ اسڪينڊل پاڪ فوج جي خلاف هو، پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا جي طاقتور ترين فوجن مان آهي، جيڪڏهن اسان جي طاقتور فوج نه هجي ته ملڪ ٽڪڙا ٿي چڪو هجي ها، دنيا ۾ مسلمان ملڪن سان جيڪو ڪجهه ٿيو اسان سان به ٿئي ها جڏهن ته فوج جي ڪري پاڪستان بچيل آهي، اسان جي فوج ملڪ جو دفاع ڪندڙ فوج آهي، زرداري آمريڪا ۾ حسين حقاني کي سفير بڻايو جيڪو آمريڪي فوج جي سربراهه کي چوندو هو ته زرداري کي پاڪ فوج کان بچائي وٺو جڏهن ته نواز شريف ڀارت کي اهو پيغام ڏئي رهيو هو ته فوج غلط ڪري رهي آهي، نواز شريف توهان سان گڏ آهي، پاڪ فوج کي دهشتگرد قرار ڏيندڙ مودي کي نواز شريف پنهنجي فيملي ۾ شادين تي گهرائي رهيو هو. وزيراعظ?? چيو ته انهن ڪرپٽ سياستدانن جي ڪرپشن تي دنيا جي وڏين اخبارن ۾ ڪرپشن تي مضمون لکيا ويا. وزيراعظ?? چيو ته هو ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪيترائي اختلاف رکڻ جي باوجود اهو اعتراف ڪري ٿو ته هو هڪ خوددار ليڊر هو، هو پاڪستان جي غيرت لاءِ اٿي بيٺو، هن مسلمان امت کي متحد ڪيو، او آءِ سي سربراهه اجلاس گهرايو. وزيراعظ?? چيو ته 80ع جي ڏهاڪي ۾ افغان جهاد ۾ اسان آمريڪا جا اتحادي هئاسين پر ان جنگ کانپوءِ اسان تي پابنديون هنيون ويون، نائن اليون کانپوءِ جڏهن اسان جي ضرورت پئي ته ٻيهر چيو ويو ته هن ڀيري پاڪستان سان زيادتي نه ڪنداسين، ان جنگ ۾ 80 هزار پاڪستاني مارجي ويا، اسان جي معيشت تباهه ٿي، 35 لک ماڻهن فاٽا مان لڏپلاڻ ڪئي پر ڪنهن اسان جو شڪريو به ادا نه ڪيو، غلطي اسان جي هئي، جيڪڏهن اسان استعمال ٿيڻ چاهيون ته دنيا استعمال ڪندي ۽ جيڪڏهن نه استعمال ٿيڻ چاهيون ته ڪير استعمال نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظ?? چيو ته اسان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو، انهن کي سدائين اثاثو سمجهيو، جيڪي ماڻهو پاڪستان ۾ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلين ٿا ۽ انهن جي مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪ هلي ٿو ته انهن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو به حق هجڻ گهرجي. وزيراعظ?? چيو ته اوورسيز پاڪستانيز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، انڊسٽري ۾ جوائنٽ وينچر ڪن ته انهن کي 5 سالن تائين ٽيڪس ڇوٽ ملندي، اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ آسانيون پ??دا ڪرڻ جي حوالي سان ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظ?? چيو ته هو چئلينج ڪري ٿو ته گذريل ساڍا ٽن سالن ۾ مشڪل حالتن جي باوجود ڪارڪردگي جي پاڪستان جي تاريخ جي ڪنهن به حڪومت سان ڀيٽ ڪري وٺو جيترو ڪم اسان ڪيو ايترو ڪنهن ٻئي ناهي ڪيو. وزيراعظ?? چيو ته ملڪ ان وقت تائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيستائين روانگي واپار نه ٿو وڌي، اسان جي دور ۾ روانگي واپار سڀ کان وڌيڪ رهيو، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙيون گڏ ٿيون ۽ ان کي 8 هزار ارب رپين تائين کڻي وينداسين، واڌويجهه جي شرح 5.6 سيڪڙو رهي، اسان وٽ پئسا هجن ته ان کي عوام تي خرچ ڪنداسين، اسان آبادگارن کي 1100 ارب رپيا اضافي ڏنا، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي بحال ڪيو، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻن سالن ۾ 75 سيڪڙو ترقي ٿي، تعميرات جي شعبي ۾ 1500 ارب رپيا اضافي لڳا. وزيراعظ?? چيو ته سموري مخالف ڌر کي چئلينج آهي ته اها ڪنهن به شيءَ ۾ اسان جي دور سان مقابلو ڪري اسان انهن کان اڳتي آهيون، ڪورونا وبا ۽ دنيا ۾ مهانگائي جي لهر جي باوجود پيپلزپارٽي جي دور ۾ مهانگائي اسان کان وڌيڪ هئي. وزيراعظ?? چيو ته اسان هيٺئين طبقي کي مٿي آڻيندڙ قدم کنيا، صحت ڪارڊ سان هر خاندان کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت ڏني، ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪيو، اسان 50 سالن کانپوءِ ڊيم ٺاهي رهيا آهيون، 2025ع ۾ مهمند، 2026ع ۾ داسو ۽ 2028ع ۾ ڀاشا ڊيم مڪمل ٿي رهيا آهن. وزيراعظ?? چيو ته ميڊيا، ڪالم نگار ۽ سياسي پارٽيون اسان سان اسان جي دور تي بحث ڪن، اسان قومي ڪردارسازي ڪئي، رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي، ٻارن کي سيرت النبي ﷺ پڙهائي، اسلامو فوبيا جي خلاف دنيا ۾ آواز اٿاريو، اهو ئي سبب آهي جو ڪئناڊا ۽ روس جي وزيراعظ?? چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي اظهار راءِ جي آزادي نه آهي. وزيراعظ?? چيو ته گڏيل قومن ۾ اسان جي ڪري اسلامو فوبيا تي بحث ٿيو ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد پاس ٿي رهي آهي، ان معاملي تي ڪير ڳالهه نه ڪندو هو جڏهن ته اسان دنيا آڏو اهو معاملو اٿاريو. وزيراعظ?? چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي بهتري ۽ آسانين جي لاءِ حڪومت پوري ڪوشش ڪندي. ان موقعي تي وزيراعظم جي سياسي جدوجهد جي حوالي سان ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي جڏهن ته وزيراعظم اوورسيز ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن سان گڏ گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو.