اسلام ??با?? – 24 ج??ور?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪ??ب جي ڪائونسل ميمبر ۽ سينيئر ڪرائم رپورٽر حسنين شاهه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت مقتول صحافي جي وارثن ۽ صحافي برادري سان گڏ بيٺل آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته صحافي حسنين شاهه جو خون رائيگان نه ويندو، قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته مقتول حسنين شاهه جي پونئيرن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو.