اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين ناليواري اداڪار سهيل اصغر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ب??ان ۾ هن چيو ته مرحوم سهيل اصغر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم سهيل اصغر مزاح، اسٽيج ۽ ٽي وي اداڪار طور پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. چوڌ??ي فواد حسين چيو ته سهيل اصغر جو لاڏاڻو شوبز انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، الله کان دعا آهي ته مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.