اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر نار رياست قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏ??هي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. پرڏ??هي وزير چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو. پرڏ??هي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. قطري سفير قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير پاران پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي جي دوحه فورم ۾ شرڪت جو دعوتنامو ڏنو. قطر جي سفير پرڏ??هي وزير جا ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.