اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي کي ت??لي بخش قرار ڏيندي مقرر ڪيل مدي ۾ ان جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ ۽ پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولتن جو خاص خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان غربت جي خاتمي ۽ سماجي ت??فظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي نئين ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولن جو خاص خيال رکيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ماڊل پناهگاهن جي ت??مير سان مثال قائم ڪري رهي آهي، ماڊل پناهگاهن جي ت??مير سان سرندي وارا ماڻهو ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ان ڪم ۾ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندا. هن چيو ته حڪومت پناهگاهن جي اسٽاف کي عالمي معيار جي ت??بيت فراهم ڪري رهي آهي، پناهگاهن سان احسان ون ونڊو سينٽر بابت مستحق ماڻهن کي سهولتن تائين آسان پهچ ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ايڊوائيزري بورڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي آهي، هر پناهگاهه جي لاءِ 4 رڪني انتظامي بورڊ به جلد جوڙيو ويندو، ايندڙ هڪ هفتي ۾ هر پناهگاهه لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم به جاري ڪيو ويندو. 4 پناهگاهن جي لاءِ مخصوص عمارتن جي ت??مير جي سلسلي ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، پناهگاهن جي ت??مير ج?? ڪم هڪ سال جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ون ونڊو سينٽر، مزدورن جي لاءِ ”ڪيش فار ورڪ“ پروگرام ۽ پناهگاهن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪمرشل حصي جي ت??مير ماڊل پناهگاهن ۾ شامل هوندي، موجوده پناهگاهن ۾ تعميراتي ڍانچي جي مرمت ج?? ڪم به منصوبي جو حصو آهي، پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ڊجيٽل ڊونيشن مينيجمينٽ سسٽم به هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ بيت المال جو ايم ڊي ملڪ ظهير عباس کوکر به شريڪ هو.