اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ملٽي ??يشنل ڪمپنين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي ڪار??با??ي ادارن کي خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ توسيع ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اداره جاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ سرمائي جي منتقلي کي ??سا?? بڻائيندي ڪار??با??ي ماحول کي بهتر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آمريڪا جي سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جي وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن ۽ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ ڪار??با?? ۽ سيڙپڪاري جي دوران درپيش مسئلن تي غور ڪيو ويو. سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين جي مشهور آءِ ٽي ??اهرن درپيش مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ ڪمپنين جي رجسٽريشن جو ڏکيو طريقيڪار، بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جو ڊگهو عمل ۽ هڪ ونڊو آپريشن جي کوٽ نمايان آهي جيڪا غير ملڪي ڪار??با??ن ۽ سيڙپڪارن جي ملڪ ۾ اچڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. هن ڪار??با??ي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف قدم تجويز ڪيا ته جئين پاڪستان کي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش مقام بڻائي سگهجي. سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپنين جي رجسٽريشن جي عمل کي ??سا?? بڻايو ويو آهي جنهن سان ايس اي سي پي ۾ ڪنهن ڪمپني کي رجسٽر ڪرڻ ۾ صرف 4 ڪلاڪ لڳندا آهن. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته تجارتي ۽ ڪار??با??ي تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي 23 ضلعن ۾ ڪمرشل ڪورٽون قائم ڪيون ويون آهن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر (ايس بي پي) اجلاس کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ ڪار??با??ي ادارن کي غير ملڪي سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوسشون ڪري رهيو آهي، اجلاس غير ملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ موجوده نوٽريائزيشن طريقيڪار ۾ ترميم ۽ ??سا?? بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، اجلاس ۾ خطاب ڪندي صدر چيو ته حڪومت غير ملڪي ڪار??با??ن ۽ سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. صدر ٻاهرين ملڪ پاڪستاني برادري کي خاطري ڪرائي ته هو ڪار??با?? دوست ماحول فراهم ڪري انهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏينداسين.