اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان صنعتي ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ب??ان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي انڊسٽريل زونز جي تعمير، برآمدي هدف حاصل ڪرڻ، ننڍي ۽ وچولي ??رجي جي صنعتن جي ترقي جي ل??ءِ قدمن ۽ آٽو پاليسي تي عملدرآمد تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار هلندڙ مالي ??ال جي ل??ءِ طئي ٿيل هدف کان وڌي وڃڻ جي اميد آهي جيڪا ملڪي اقتصادي صورتحال جي ل??ءِ خوش آئنده آهي.