لاهور – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اين سي او سي ۽ وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز جي ابتڙ سنڌ حڪومت جا قدم پا??ستان جي معيشت جي لاءِ تمام گهڻي نقصان جو سبب بڻجندا، صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگه??، انهن کي وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، اسان ڪورونا وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان جاري آهي ته ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي، سنڌ پا??ستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آهي ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون هڻڻ بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته بنا ڪنهن شڪ جي پا??ستان ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي، بدقسمتي سان نريندر مودي جي حڪومت ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ قدم نه کنيا جنهن جي ڪري ڀارت پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جو ذريعو بڻجي ويو آهي. هن چي?? ته جڏهن ڪورونا وائرس جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري معيشتون سنڀلجي رهيون هيو??، ان وقت ڀارتي حڪومت جي غيرذميواراڻي پاليسين جي ڪري پوري دنيا ڊيلٽا وائرس سبب پي??ا ٿيندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي. وفاقي وزير چي?? ته موجوده صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جي فيصلن سان ڳڻتي جي لهر پي??ا ٿي وئي آهي، اسان ڪورونا وائرس جي پهرين ٽن لهرن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، جڏهن اسان جي حڪمت عملي ڪاميابي سان هلي رهي آهي ته ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي. چوڌري فواد حسين چي?? ته سنڌ حڪومت اين سي او سي ۽ وفاقي حڪومت جي هدايتن جي ابتڙ صنعتن کي بند ڪري ٿي ته ان سان پا??ستان جي معيشت کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو. هن چي?? ته سنڌ حڪومت ويڪسي نيشن تي زور ڏي، جن صنعتن ۾ 100 سيڪڙو ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي، انهن صنعتن کي کولڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته سنڌ حڪومت جهڙي طريقي سان پابنديون هڻي رهي آهي ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي عام ماڻهو جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چي?? ته سنڌ پا??ستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي، جڏهن معيشت مٿي وڃي رهي آهي ان وقت مڪمل لاڪ ڊائون جون ڳالهيون نامناسب آهن. هن چي?? ته آرٽيڪل 149، 151 ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگه??، انهن کي وفاقي حڪومت جي گائيڊ لائينز ۽ اين سي او سي جي حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته سنڌ حڪومت فوري طور ??ي صنعتن کي کولي، واپاري ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي کي ايترو تنگ نه ڪيو وڃي جو انهن جي چيلهه ٽتي پوي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته سنڌ حڪومت ڪورونا بابت ايس او پي?? تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چي?? ته وفاق ڪورونا وائرس جي خاتمي بابت صوبائي حڪومتن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهيو آهي پر صوبائي حڪومتون انفرادي فيصلا نه ٿيون ڪري سگه??، انڊسٽري کولڻي پوندي، انهن کي پنهنجي حڪمت عملي اين سي او سي جي گائيڊ لائينز موجب ٺاهڻي پوندي.