اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ادارن جو احترام ضروري آهي، ادارن کانسواءِ نظام قائم ناهي رهندو، انهي لا??ِ چئون ٿا ته سوچي ڳالهايو ۽ ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا توريو، زرداري صاحب (ن) ليگ کي ??وج ياد ڪرائي ڇڏي آهي. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مفتاح اسماعيل جي هڪ بيان جو حوالو ڏي??دي چيو ??ه مفتاح اسماعيل چئي رهيو آهي ته رڪارڊ فوج جي نگراني ۾ رکيو وڃي، زرداري صاحب (ن) ليگ کي ??وج ياد ڪرائي ڇڏي آهي، انهي لا??ِ چئون ٿا ته سوچي ڳالهايو ۽ ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا توريو، ادارن جو احترام ضروري ان لا??ِ به آهي ته ادارن کانسواءِ نظام قائم ناهي رهندو ۽ ملڪن کي ادارن جي ضرورت هوندي آهي.