ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي انقلاب لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فروغ تي ز??ر ڏنو. هو گورنر هائوس ۾ پاڪستان ر??لوي ۽ دي سٽيزن فائونڊيشن جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو ??و. ??جلاس ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي به موجو?? هئي جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن پاڪستان ر??لوي جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي محمد حنيف گل، ٽي سي ايف جي جنرل مينيجر راحيله فاطمه شڪيل، انصاف ڪميونٽي سوسائٽي جي صدر زاهد اصغر شامل هئا. صدر خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪري انهن کي معاشي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي ز??ر ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بنگلاديش عورتن جي تعليم ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ملڪ مان غربت کي ختم ڪرڻ ۽ معيشت کي پا??يد??ر بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته انهي طرح پاڪستان کي به پا??يد??ر ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جي تعليم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.