اسلام ??باد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آه?? ته سماجي مسئلن، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??، حڪومت درست حڪمت عملي تحت عام ماڻهو کي ڪورونا وبا کان بچائڻ ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ جامع قدمن کنيا، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن جا ثمر جلد عوام ??ائين پهچڻ شروع ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڊجيٽل ميڊيا انفلوئنسرز سان هڪ ويهڪ ۾ ڪيو. صدر چي?? ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي اهميت گهڻي وڌي وئي آه??، اها عوامي راءِ بڻائڻ جو ذريعو آه??. هن چي?? ته ڊجيٽل ميڊيا جا ڪيترائي رخ سامهون آيا آه??، ان سان جتي ماڻهن جو وڏو تعداد فائدو کڻي رهيو آه?? اتي ان جي استعمال جي باري ۾ اعتراض به ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ جعلسازي جي ذريعي ماڻهن کي لُٽڻ ۽ ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون پکيڙڻ جو ذريعو هجڻ به شامل آه??. هن چي?? ته ميڊيا جي طاقت ۽ ذميداراڻي ڪردار ۾ توازن تعمير ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻو اهم آه??، صحت ۽ احتياط، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماج?? قدرن ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??.