مظفر آباد -26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير ??اڪ??تان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ۽ پنهنجي آزادي جي جد??جهد کي حق خوداراديت جي حاصلات تائين جاري رکڻ واري عزم کي ورجايو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پاسبان حري?? ڄمون ڪشمير جي انتظام هيٺ آزاد ڪشمير ۾ ڪنٽرول لائين ويجهو چڪوٽي ۾ ڀارت جي جمهوريت واري ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويو. ڪارا جهنڊا هٿن ۾ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سوين شهرين چڪوٽي، م??فر آباد ۾ ڀارت مخالف احتجاجي ريلين ۾ شرڪت ڪئي.