غازي بروٿا – 19 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن سميت عوام کي سستي شمسي توانائي فراهم ڪئي ويندي، حڪومتي قدمن جا ثمر جلد آبادگارن تائين پهچندا. آبادگارن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جعلي زرعي دوائن وارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪنداسين. هن چيو ته محنت آبادگار ڪندو آهي ۽ فائدو مڊ?? مين کڻندو آهي. اسان مڊ?? مين جي ڪردار ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته آبادگارن کي جهڙي اگهه تي جنسون ورتيون وينديون آهن ان کان ڪيتري ئي وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪيون وينديون آهن. هن چيو ته اسان زرع?? پيداوار وڌائڻ ۽ آبادگار طبقي جي مد?? لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، آبادگارن کي آسان قسطن تي قرض جي فراهمي جو جائزو ورتو پيو وڃي، هن چيو ته ٽيوب ويل کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ان سان آبادگارن کي سستي بجلي دستياب ٿيندي.