لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته معاشي لحاظ کان ڪمزور ط??قي جي امداد لاءِ خصوصي منصوبو ٺاهيو وڃي ته جيئن حڪومتي وسيلن کي سبسڊي طور عوامي ڀلائي جي لاءِ موثر انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي، مستقبل ۾ عوام کي پري??ان?? کان بچائڻ لاءِ ڪڻڪ جي پهچ ۽ اٽي جي اگهه جي نظام کي جامع حڪمت عملي تحت مستحڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي تعداد ۾ اضافي ۽ اٽي جي اگهه ۾ لاٿ آڻ?? جي حوالي سان کنيل قدمن جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. ??جلاس ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي تعداد ۾ اضافي جي غرض سان موجوده قانونن ۾ نظرثاني ۽ ترميم، نجي شعبي جي سهڪار ۽ طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائ?? جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ شروعاتي اڳڀرائي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايتن جي روشني ۾ ضروري شين جي عوام الناس کي مقرر ڪيل اگهن تي دستيابي، اٽي جي اگهه ۾ لاٿ آڻڻ لاءِ ڪڻڪ مان اٽي جي پيداوار وڌائ?? جي ڏس ۾ فلور ملن ۾ پيسائي جي 80:20 تناسب تي عملدرآمد، ڪڻڪ جي خريداري، پهچ ۽ اسٽوريج ۾ انتظامي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سڌارن تي ڄاڻايل تجويزون پيش ڪيون ويون.