اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻ جي لاءِ ان لعنت جو خاتمو اولين ترجيح ??جڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هو منشيات جي استعمال جي روڪٿام ۽ ذهني صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري عندليب عباس، قومي اسيمبل?? ميمبر ساجده ذوالفقار خان ۽ فلاحي تنظيمن ج?? ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ منشيات جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ان سان نوجوانن خاص طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي جسماني ۽ ذهني صحت کي لاڳو خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر منشيات جي استعمال جي روڪٿام لاءِ رضاڪارن، استادن، والدين ۽ لاڳاپيل ٻين حصيدارن جي مدد سان بنيادي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.