پشاور – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي کلي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سڌو سنئون ڏيکاريو وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، ڪيترائي ملڪ مخالف ڌر پارٽين جي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن پر لاڳاپن جي ڪري ??نهن ملڪن جا نالا نٿو وٺي سگهان. ڏ??ڻ وزيرستان و??نا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس کڻڻ ت?? مخالف ڌر جو ٿورا??تو آهيان، اهو سڀ سامهون اچڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر پارٽين جي فنڊنگ ڪٿان کان ٿيندي رهي، ڪيترائي ملڪ مخالف ڌر پارٽين کي پئسا ڏيندا رهيا، انهن ملڪن سان لاڳاپن جي ڪري ??ئون نالا نٿو ٻڌائي سگهان، هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي کلي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سڌو سنئون ڏيکاريو وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، ان ڪيس سان سڄي قوم کي خبر پوندي ته ڪنهن هن ملڪ ۾ ٺيڪ طريقي سان پئسو گڏ ڪيو.