اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ قومي قدمن تي اجلاس اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ عورتن جي معاشي، س??اج?? ۽ قانوني خودمختياري جي فروغ لاءِ تجويزن جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ عورتن جي وراثتي حقن، خودمختياري، تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچ، ميڊيا ۾ عورتن جي ڪردار، ماحوليات ۽ ان ??ي عورتن تي پوندڙ اثرن تي بحث ٿيندو.