اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي سڌارا ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط کي يق??ني بڻائڻ ۽ عوام کي ممڪن رليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاح??ار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي واپار بابت صلاح??ار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي اداره جاتي سڌارن بابت صلاح??ار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪ?? ڪئي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪ?? ڪئي، ناڻي واري صلاح??ار عبدالحفيظ شيخ معيشت جي صورتحال جو جائزو پيش ڪيو.