اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪرونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سمورن مڪتبه فڪر جي عالم سڳورن سان مشاورت کانپوءِ جمعي نماز جو خطبو ۽ جماعت سان نمازن کي مختصر رکڻ، هٿ ملائڻ کان پاسو ڪرڻ، 21 مارچ کان سواءِ تربت ۽ گوادر جي سمورن عالمي ايئرپورٽس تي عالمي اڏام?? جي اچ وڃ بحال ڪرڻ، کنڊ بحرا?? جي جاچ ۾ آءِ ايس آءِ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو ن??ائ??دو شامل ڪرڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ اسٽريٽجي پيپر جي منظوري ڏني وئي آهي، بجيٽ خرچ?? جي ترجيحن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي کانسواءِ احساس ۽ سماجي تحفظ، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام، سرڪاري ملازم?? جي پگهارن، هائوسنگ ۽ نئون پاڪستان تحت مختلف قدمن، فوڊ سيڪيورٽي، هيلٿ، هايئر ايجوڪيش??، ٽوئرازم وغيره شامل آهن، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازم?? جي زخمن تي مرهم رکنداسين، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي دنيا ۾ موجود سمورن پاڪستانين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مذهبي معاملن واري و??اقي وزير پير نورالحق قادري، هوابازي واري و??اقي وزير غلام سرور خان ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قومي سلامتي ۽ عوام جي ڀلائي جي حوالي سان ڪابينا اهم فيصلا ڪيا آهن.