اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه هج?? سبب ماضي ۾ ترقي نه ڪري سگهيو، پن بجلي بدران مهانگي بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويندا رهيا، موجوده حڪومت جي 14 مهينن ۾ معيشت مستحڪم ٿي آهي، رپئي جو قدر مستحڪم ٿي رهيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ??رقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائون?? خساري ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿام سان هڪ سال ۾ 120 ارب رپيا اضافي وصول ڪيا و??ا آهن، هوا مان بجلي جي پيداوار نه رڳو ماحول دوست پر سستي پڻ هوندي، گلوبل وارمنگ سان پاڪستان متاثر ٿي سگهي ٿو، ان مسئلي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هوا سان بجلي جي پيداوار جي 340 ميگاو??ٽ جي منصوبن جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.