اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو اڃا لاڙڪاڻي ۾ شڪست جي صدمي مان ٻاهر ناه?? آيو، هاڻي سنڌ مان به پيپلزپارٽي جو بسترو گول آهي، زر??اري جي بيماري ۾ حڪومت جو ڪهڙو ڏوهه، حڪومت ٽيڪس ڏيندڙن جي پئس?? سان انهن جو علاج ڪرائي رهي آهي. بلاول ڀٽو زر??اري جي الزامن جي حوال?? سان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جواب ڏيندي هن چيو ته بلاول ڀٽو اڃا تائين لاڙڪاڻي جي شڪست جا زخم برداشت ڪري رهيو آهي ۽ ان صدمي کان ٻاهر ناه?? آيو.