عمان -28 فيبروري (اي پي پي ) آمر??ڪي اداري يو ايس ايڊ غزه ۾ امدادي ڪارڪنن جي تحفظ لاءِ 53 ملين ڊالرن جي رقم جو اع??ان ڪيو آهي. العربيه موجب اهو اع??ان اداري جي اڳواڻ سمانته?? پاور غزه ۾ امدادي شين کي محفوظ طريقي سان ورهائڻ لاءِ ڪيو. يو ايس ايڊ ۾ امداد عالمي پروگرام خوراڪ ۽ ٻين غير حڪومتي ادارن جي سهڪار سان استعمال ڪندو. اردن تان وڊيو لنڪ تي اع??ان ڪندي يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سماته?? پاور چيو ته اها انهن ماڻهن لاءِ امداد آهي ج??ڪي هن وقت ضرورت مندن تائين پهچي رهيا آهن، اها امداد انهن امدادي ڪارڪنن وٽ ويندي ج??ڪي پنهنجي زندگين کي خطري ۾ وجهي ماڻهن تائين خوراڪ پهچائي رهيا آهن ان امداد سان انهن جو تحفظ ڪيو ويندو .