اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي ??يڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي ??سپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ سعودي عرب جي لا??ِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينر آفيسرن شرڪت ڪئي، نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ خليل هاشمي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير اسد مجيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ واشنگٽن لا??ِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اسان اقتصاد?? ترجيحاتي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اقتصادي سفارتڪاري اسان ج?? ترجيح ايجنڊا آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو جامع قومي سيڪيورٽي پاليسي جوڙي، اسان جي قومي سيڪيورٽي پاليسي جو فوڪس اقتصاد?? ترجيحن تي عملدرآمد ۽ اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي آهي، پرڏيهي وز??ر اقتصادي سفارتڪاري کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سينئر سفيرن پاران سامهون ايندر تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وز??راعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پرڏيهي وزارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري ڊويزن جي جلد قيام جي لا??ِ پرعزم آهيون.