اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين واپار، انفراسٽرڪچر، صنعتي شعبن ۾ ترقي، جديد زراعت، سائنسي ۽ فني تعاون ۽ مقامي ماڻه?? جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي گڏيل ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) کي ٽاسڪ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خا?? جي چئن ڏينه?? جي چي?? جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. پڌرنامي موجب صحت، ماحوليات ۽ آءِ سي ٽي جي شعبن ۾ ويجهي ٻطرفي تعاون کي نوٽ ڪندي ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين صحت، صنعت، واپار، گرين ۽ ڊيجيٽل ڪوريدورز جاري ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪ چين قيادت ملاقاتن دوران علائقائي صورتحال ۽ عالمي سياست سميت ٻطرفن لاڳاپ?? جي سمورن رخن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد ۽ نظري?? جي هڪ جهڙائي ڏٺي وئي. وزيراعظم عمران خان چي?? جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي ڪردار ۽ پائيدار پاڪ چين حصيداري کي فروغ ڏيڻ ?? صدر شي جن پنگ جي ذاتي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه کي ورجايو ته ويجها اسٽريٽجڪ لاڳاپا ۽ پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ گهري دوستي وقت جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ چين لاڳاپا اسا?? جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ ميل آهن ۽ چين سان ويجهي دوستي کي پاڪستاني عوام جي مستقل حمايت حاصل آهي. ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن بابت معاملن تي حمايت کي ورجايو. پاڪستان ون چائنا پاليسي جي لاءِ پنهنجي وابستگي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ تائيوان، ڏکڻ بحيره چين، هانگ ڪانگ، سنڪيانگ ۽ تبت جي معاملي تي چي?? جي لاءِ پنهنجي حمايت جڏهن ته چين پاڪستا?? جي خودمختياري، آزادي ۽ سلامتي جي تحفظ ۽ پاڪستا?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌرين سي پيڪ جي اهم ٿنڀ ۽ علائقائي رابطن ۾ اهم عنصر جي حيثي?? سان گوادر جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين گوادر پورٽ جي تعمير، آپريشن ۾ تيزي آڻڻ ۽ گوادر کي گهٽ ڪاربن سرڪلر انڊسٽري زون بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گوادر شهر ۽ ا?? جي رهواسي?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اعليٰ معيار جي ذريعي ذريعه معاش جا منصوبا ٺاهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين سي پيڪ کي سمو??ن خطرن ۽ منفي پروپئگنڊه کان محفوظ رکڻ جي پنهنجي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان سموري چيني عملي، منصوبن ۽ ادار?? جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي عزم کي ورجايو جڏهن ته چيني ڌر ان سلسلي ۾ قدم کڻڻ تي پاڪستان کي ساراهيو. چين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستا?? جي قربانين ۽ ڪوششن کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڌرين هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. افغانستا?? جي حوالي سان ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم، متحد ۽ محفوظ افغانستان خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي ڌرين اقتصادي ۽ فني، صنعت، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر، خلا، ويڪسين، ڊيجيٽلائيزيشن، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ثقافت، راندين ۽ پيشيواراڻي تعليم سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون.