اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏي??رڻ جي لاء?? موجوده حڪومت عملي قدم کنيا، اوورسيز پاڪست??ني اسان جي مٿي جا موڙ آهن، انهن جي خدمت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته حڪومت وراثتي سرٽيفڪيٽ جي عمل کي شفاف ۽ آسان بڻائي ڇڏيو آهي، ان سان اوورسيز پاڪست??ني به فائدو کڻي سگهندا. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستانين 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ موڪليا، جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪست??ني سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪشميرين جو آواز بلند ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪندو رهندو. مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن ۾ اوورسيز پاڪست??ني سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 سان اسان جي معيشت تي چئلينج آيو، وز??راعظم عمران خان جي ڪامياب حڪمت عملي رهي، دنيا اسان جي حڪمت عملي کي ساراهي رهي آهي. اڄ پاڪستان ۾ صنعتون 100 سيڪڙو ڪم ڪري رهيون آهن، گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جو رڪارڊ وڪرو ٿيو، هائوسنگ جي شعب?? ۾ 1000 ارب جي منصوبن تي ڪم جاري آهي. گهٽ آمدني وارن گهرن جي لاءِ 260 ارب جون درخواستون مليون، 40 ارب فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪوويڊ 19، عالمي مهانگائي، ٽرانسپورٽيشن مهانگي ٿيڻ جهڙا چئلينجز درپيش رهيا. 7 ڪروڙ آبادي کي مفت ويڪسين لڳائي وئي آهي، 250 ارب جي ويڪسين خريد ڪئي وئي. هن چيو ته سماجي تحفظ نيٽ ورڪ قائم، صحت انصاف ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو، 260 ارب رپين سان احساس پروگرام متعارف ڪرايو ويو ته جيئن غريب ۽ پيڙهيل طبقن جي سڌي سنئين مدد ڪئي وڃي.