اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪڏهن قطري خط، ڪڏهن ڪيلبري فونٽ ج??لي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪڏهن مرحوم جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪري وڊيو، ڪڏهن ن ليگي ورڪر ا??وڻ?? چيف جج رانا شميم جو ج??لي حلف نامو ۽ ڪڏهن ج??لي آڊيو ٽپس آڻي رهيا آهن پر نواز شريف ۽ سندس خاندان اڄ تائين لنڊن محلات جون رسيدون ڪنهن عدالت ۾ نه پيش ڪري سگهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ٽي وي تي ڪوڙ ڳالهايو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي ??ه آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته نيلسن اينڊ نيسڪول آف شور ??مپنيون لنڊن ۾ شريف فيملي جي استعمال هيٺ فليٽس جي مالڪ بينيفيشل اونر مريم صفدر آهي. هن چيو ته ڪيلبري فونٽ مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پهرين ج??لي ٽرسٽ ڊيڊ ٺاهي وئي، هن چيو ته پاناما انڪشاف اچڻ کانپوءِ نواز شريف ۽ فيملي ڪوڙ ۽ ج??لي دستاويزن کانسواءِ عدالتن ۾ ڪجهه جمع ناهي ڪرايو. پهريون ڪوڙ اسيم??لي جي فلور تي بيهي نواز شريف چيو ته هي آهن اهي ذريعا حضور جنهن سان لنڊن جا فليٽس خريد ڪيا ويا بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ نئين ڪهاڻي قطري خط پيش ڪيو ويو.