اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان سان برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب ملاقات ڪئي جنهن ۾ ا??غا??ستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي سميت ٻطرفن معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ??مر??ن خان برطانوي وزيراعظم بورس جان??ن سان پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي ا??غا??ستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي استحڪام لاءِ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم ا??غا??ستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ا??غا??ستان ۾ سلامتي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ، امن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ۽ عوامي هجرت کي روڪڻ لازمي آهي. ان سلسلي ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته عالمي برادري کي ا??غا?? عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي، مثبت رابطا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ پرامن، مستحڪم ۽ سمورن گروپن تي ٻڌل سياست کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مراعتون ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم ا??غا??ستان جي اندر ۽ ٻاهر موجود ”سپوائلر“ جي ڪردار جي حوالي سان خبردار ڪندي چيو ته اهي صورتحال کي خراب ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم برطانوي پرڏيهي وزير کي ڀا??ت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت کي وارثن کان لڪائڻ جي ڀا??ت جي غيرانساني رويي بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم ??مر??ن خان پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن ۽ پراڻن لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻٽي شهريت رکندڙ شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ عالمي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.