اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي بهاولپور پهچي ويو آهي. وزيراعظم ??هاولپور ۾ ڏکڻ پنجاب جي قيادت سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم کي فعال ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. بعد ۾ وزيراعظم ??ڪومت جي زراعت تي خصوصي ڌيان جي ويزن جي تحت ٿيندڙ آبادگار ڪنوينشن ۾ خاص ??همان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندو. جتي نه رڳو ??کڻ پنجاب ۾ پيداوار جي اضافي پر آبادگارن جي م??د جي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم ??قريب کي خطاب به ڪندو. وزيراعظم ملڪ ۾ وڏي پئماني تي جاري سانوڻي جي مند جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ لال سوهانره نيشنل پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائيندو ۽ اتي ٻيلن جي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو جائزو به وٺندو .