مري – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه عارف علوي چ??و آهي ته پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن سڄي ملڪ جي ڇوڪرين کي ??هترين تربيت فراهم ڪري کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ انهن جي ڪردار سازي به ضروري آهي، صحتمند ۽ تربيت يافته عورت نه رڳو گهر پر ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نيشنل سمر ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪامياب سمر ڪيمپ جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، ڪيمپ ۾ شريڪ شاگردن جي عزم ۽ روشن چهرو پاڪستان جي باني جي ان خواب جي تعبير آهي جيڪا هن قيام پاڪستان لاءِ ڏٺو هو، گرلز گائيڊ کي ??ن ڪيمپ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ هڪٻئي کان سکڻ جو موقعو مليو آهي، هن چيو ته گرلز گائيڊ جي عالمي ميمبرن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، ان تاريخ جو حصو بڻجڻ جو مقصد معاشري جي عورتن جي تعميري ڪردار کي فروغ ڏيڻ آهي. اها تحريڪ عورتن ۽ ڇوڪرين کي ??هري جي حيثيت سان انهن جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. انهن جي هنرمندي، تعليم سميت ٻين شعبن ۾ صلاحيتن کي ??جاگر ڪرڻ ۽ نکارڻ جو موقعو ملندو آهي، انهن جي جسماني صحت ۽ تندرستي سان گڏوگڏ انهن جي اندر اعتماد ۽ اڳ??ي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي، هن چيو ته گرلز گائيڊ جي اها تحريڪ نوجوان ڇوڪرين کي ??حتمند ۽ فعال رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اها تحريڪ ڇوڪرين کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ سماجي براين کي ??وڪٿام جي حوالي سان تربيت فراهم ڪندي آهي.