لاهور – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي قدمن سان پاڪستان ۾ زرعي انقلاب ايندو، سياحت جي شعبي ۾ اسان پنهنجي درآمدات کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهون ٿا، تعميرات جي شعبي سان 30 صنعتون واڳيل آهن، ان شعبي تي ڌيان ڏ??ي ??يروزگاري ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، گهٽ لاڳت هائوسنگ من??وبو شروعات آهي ان سان ڪچي آبادين جو ڦهلاءُ گهٽ ٿيندو، ڪچي آبادين کي ترڪ ماڊل تحت تبديل ڪرڻ جو من??وبو آڻي رهيا آهيون، قوم کي تاڪيد آهي ته اها ماسڪ پائي، رڳو ماسڪ سان ئي ڪورونا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هو رائيونڊ ۾ پنجاب پيري اربن گهٽ لاڳت هائوسنگ اسڪيم من??وبو شرو?? ڪرڻ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو.