اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي ??يو آهي ته پاڪستان ان منصوبي جي وقت سر تڪميل لا??ِ پرعزم آهي، غربت جي خاتمي ۽ ترقي لا??ِ چين جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غربت جي خاتمي جي چين جي تجربي، ??وو?? – 19 جي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ هدفن کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيندي ??يو ته پاڪستان چين جي غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي انهن تجربن مان فائدو کڻڻ لا??ِ کائنس سکڻ جو خواهشمند آهي. هن ??يو ته پاڪستان کي ڪورونا جي ٽئ??ن شديد لهر درپيش آهي ۽ حڪومت ان کي منهن ڏيڻ لا??ِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان وبا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن لا??ِ منصوبي تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم عمران خان ??يو ته پاڪستان جي عوام چين جي صدر شي جن پنگ جي پهرين فرصت ۾ پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.