ڪراچي – 15 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪو??ت عورتن کي بااختيار بڻائڻ ، انهن جي لاءِ ڪم جي حالتن کي سازگار بڻائڻ، هراسمينٽ کان تحفظ ۽ معاشري ۾ ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ره?? آهي، پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن هتي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي مناسبت سان ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن کي انهن جي برابر بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو ۽ موجوده حڪومت زندگي جي هر شعبي ۾ انهن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ ڪوششون ڪري ره?? آهي. ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي ۽ معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿ?? آهي، هن چيو ??ه عورتن کي بااختيار بڻائڻ معاشري جي گڏيل ذميدار?? آهي، ان ڏس ۾ هر ماڻهو کي ??نه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن عورتن جي لاءِ ڪم واري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.