اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا جي چئلينج جي باوجود پاڪستان جي معيشت بحالي جي راهه تي گامزن آهي، حڪومت ڪاروبا??ي طبقي جي مسئلن کان آگاهه آهي ۽ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هو واپارين جي هڪ وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن حاجي ط??هر نويد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صد?? چيو ته حڪومت ڪورونا جي وبا دوران ڪاروبا??ي طبقي ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ 1.2 کرب جو معاشي پئڪيج ڏنو.