اسلام آباد – 5 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ??ه وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل ذريعي ملڪ جي عوام کي سندن چانئٺ تي انصاف فراهم ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم سٽيزن پورٽل کي ٻن سالن جو عرصو پورو ٿيڻ تي وزيراعظم کي مبارڪون پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته هي ??ها تبديلي آهي ??نهن جو وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف قوم سان و??عدو ڪيو هو. پرڏيهي وزير وزيراعظم جي سٽيزن پورٽل تي وصول ٿيل شڪايتن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ تي پرڏيهي ??يڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي سڄي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪوڊ-19 جي وبا دوران و??ارت پاران سڄي دنيا جي پاڪستانين جي مدد لاءِ ڪرائسز سينٽرز قائم ڪيا.