اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرائيل کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نٿا ڪري سگهون، مون کي ان ڳالهه جي ضمير اجازت نه ڏيندو جيڪڏهن اسرائيل کي تسليم ڪيوسين ته پوءِ ڪشمير معاملي تي مودي جي به ڳالهه مڃڻي پوندي، ڪراچي ۾ بنڊل آئي لينڊ تي نئون شهر اڏي ر??يا آهيون، ڪراچي جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڪنداسين، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس به ڪيو آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبا خودمختيار آهن، وڏن شهرن کي ميٽرو پوليٽن سٽي ??اهي اختيار ڏيڻا پوندا، سعودي عرب سان لاڳاپا جيئي?? جو تئين موجود آهي، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ اسا?? جو ساٿ ڏنو آهي، پنجاب مان کنڊ کڻي سنڌ ۾ گڏ ڪئي پ??ي وڃي ڇو ته اتي اسان جي حڪومت نه آهي، جهانگير تري?? جو فيصلو ادارا ڪندا، هن منهنجو 8 سال سڀ کان وڌيڪ ساٿ ڏنو پر کنڊ بحران ۾ سندس نالو اچڻ تي مون کي ڏک پهتو، حڪومت جا ٻه سال منهنجي جدوجهد جا سڀ کان مشڪل سال آهن، مخالف ڌر اين آر او وٺڻ لاءِ مون تي تنقيد ڪري ٿي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته نيب کي ختم ڪيو وڃي، مريم نواز پيشي تي اچي ٿي ته پٿر هنيا وڃن ٿا، گهڻا پاڻ کي نيسلن منڊيلا سمجهن ٿا، اسان اميراڻي ڪلچر جو خاتمو ڪيو آهي، عثمان بوزدار تي شراب جي لائسنس جو ڪيس ٺاهڻ کل جوڳي ڳالهه آهي، هر هنڌ مافيائون ويٺل آهن، انهن سان مقابلو ڪرڻ منهنجو مشن آهي ڇا به ٿي پوي انهن کي نه ڇڏيندس، شوگر مل ايسوسيئشن وارن واجد ضياءُ ۽ ايف آءِ اي کي ڌمڪي ڏني، اسان ايف آءِ اي کي مضبوط ڪري ر??يا آهيون، ڪورونا مان بچي نڪرڻ تي به بل گيٽس به پڇي ر??يو آهي ته اسان اهو ڪيئن ڪيو هو ان حوالي سان تحقيق ڪرڻ چاهي ٿو، هڪ نجي ٽي ??ي چئنل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجي سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذري آهي، آئون جڏهن 9 سال?? جو هئس ته مون ٽيسٽ ڪرڪيٽر بڻجڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، منهنجي سڄي سياست وڏي جدوجهد مان گذري آهي، ڇو ته مون کي پ??ڪستان جي سياست جي باري ۾ پتو نه هو ڇو جو آئون ٻاهران آيو هئس ۽ هتي ٻه پارٽي ??ظام هلندڙ هو، هن چيو ته مسلسل جدوجهد جي ڪري مون کي لاهن چاڙهن کان خوف ناهي ٿيندو جنهن جي ڪري آئون هر چئلينج جو مقابلو ڪري ويندو آهي، وزيراعظم چيو ته اصغر خان ۽ اي ڪيو خان وڏا ماڻهو هئا انهن پارٽيون ٺاهيون پر لاهن چاڙهن جي ڪري اهي اڳتي وڌي نه سگهيا، هن چيو ته منهنجي ٻن سالن جي حڪومت جو دور سڀ کان مشڪل جدوجهد آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ ان وقت ڪيترن ئي خسارن ۾ ورتل هو، ڏيوالو نڪرڻ تي هو، ٻاهرين قرضن کي ڏيڻ لاءِ پئسا نه هئا، هڪ هنڌ تباهي نه هئي جو آئون اتي ڌيان ڏيان ها، هتي ته هر طرف تباهي هئي، مون کي پي آءِ اي، توانائي جي ??عب?? ٻين ??عب?? جو پتو هو، ان لاءِ اسان ڪوششون ورتيون هر ادارو تباهه هو مون کي پهرين ملڪ جو رخ تبديل ڪرڻو هو ۽ ملڪ کي اسلامي فلاحي ر??است بڻائڻ واري رستي تي وجهي ڇڏيو آهي ۽ اها فلاحي ر??است مديني جي ر??است آهي، هن چيو ته هاڻي اسان ٻارن کي مديني جي ر??است ۽ نبي صه جي زندگي بابت تعليمي نصاب ۾ پڙهائينداسين، هن چيو ته اڳ ۾ بادشاهت هوندي هئي جنهن ۾ رڳو وڏن ماڻهن جا ٻار تعليم پرائيندا هئا پوءِ جمهوريت آئي ته پئسا هيٺ منتقل ٿيڻ شروع ٿيا، پر مديني جي ر??است ۾ زڪوات جو نظام شروع ٿيو جنهن ۾ اميرن کان پئسا وٺي غريبن کي ڏيڻ شروع ٿيا هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ملڪ کي فلاحي ر??است بڻائڻو آهي ته پوءِ اسان کي علامه اقبال جي ماڊل طرف وڃڻو پوندو، هن چيو ته هتي امير ٽيڪس نٿا ڏين، شگر ڪارٽيل سميت ڪيتريون ئي مافيائون آهن، هن چيو ته اسان احساس پروگرام آندو ۽ ان حوالي سان چين مان گهڻو پرايو جو هن 70 ڪروڙ ماڻهن کي غريب جي لڪير کان ٻاهر آندو.